چترو ناگپال

چترو ناگپال: سنڌي ٻوليءَ جو ڪهاڻيڪار، شاعر، مزاحيه اديب، چترو ناگپال، 2 فبروري 1932ع تي شڪارپور ۾ ڄائو. سندس پورو نالو چترو نهچلداس ناگپال هو. چترو ناگپال ٻهڳڻي شخصيت رهيو آهي. 10، 11 سالن جي عمر ۾ اسڪول جي ناٽڪ ’پرهلاد ڀڳت‘ ۾ ڇوڪريءَ جو پارٽ ادا ڪيائين ۽ ائين ڊرامن ۾ سندس دلچسپي وڌي. اسڪول کان موٽندي هڪ پينٽر جي دڪان تي بيهي کيس تصويرون ٺاهيندي ڏسندو هو، ان شوق اڳتي کيس مصور ۽ مجسمي ساز بنايو. ڪراچيءَ ۾ اوپيرا هائوس ويجهو نوتن ڪلا مندر ۾ پينٽنگ سکڻ ويندو هو. ورهاڱي بعد مائٽن سان گڏ بمبئيءَ جي بوريوالي علائقي ۾ اچي رهيو. 1950ع ڌاري مئٽرڪ جو امتحان ڏئي 100 روپين پگهار تي هڪ ريڊي ميڊ ڪارخاني ۾ نوڪري ڪيائين. 1952ع ڌاري ڪلياڻ سنگيت ودياليه دادر بمبئيءَ ۾ وايولن سکڻ ويندو هو. ان کان سواءِ مصوري ۽ ناچ سان به گهڻو چاهه هئس. 50 جي ڏهاڪي ۾ هڪ ڊانس ڪلاس ۾ ڪجهه عرصو تربيت ورتائين. 1953ع ۾ بمبئي ريلوي جي چرچ گيٽ آفيس ۾ ملازمت ڪيائين ۽ گڏوگڏ جئه هنڌ ڪاليج ۾ پڙهائي جاري ڪيائين. بي. اي دوران سندس نامور اديبن ارجن شاد ۽ پروفيسر رام پنجواڻيءَ سان لاڳاپا وڌيا ۽ هن ادبي دنيا ۾ قدم رکيو. سنڌي ساهت منڊل جي ڪلاسن ۾ شريڪ ٿيندو هو. ’سرسوتي‘ ۽ ٻين مخزنن ۾ لکڻ جي شروعات ڪيائين. لکڻ سان گڏ سندس لطيفِ فن (Fine Arts) سان دلچسپي به برقرار رهي. سندس بيچين من کي هڪ هنڌ ٽڪاءُ نه آيو. بمبئيءَ جي اسڪول آف آرٽس ۾ سنگتراشيءَ جي سکيا ورتيائين. ڪاليجي تعليم دوران ڪلاس جي ڇوڪرين جا ماڊل ٺاهيندو هو. هن شاهه، سچل ۽ ساميءَ سان گڏ پروفيسر منگهارام ملڪاڻي، پوپٽي هيراننداڻي، ساڌو ٽي. ايل. واسواڻي، امرتا پريتم، ائڪٽر ڪمار ۽ ٻين جا مٽيءَ جا پتلا ٺاهيا. سندس شاهه، سچل ۽ ساميءَ جي تصويرن ڪيترين مخزنن ۽ پڪچر پوسٽ ڪارڊن تي ڇپجي وڏي مقبوليت ماڻي.
چترو ناگپال بمبئي يونيورسٽيءَ مان بي. اي ڪرڻ کان پوءِ 1962ع ڌاري ايم. اي (راشٽر ڀاشا رتن) به ڪئي. هن جون ڪهاڻيون سنڌيءَ جي مشهور مخزنن- ڪونج، ڪهاڻي ۽ رچنا وغيره ۾ به شايع ٿينديون هيون. هن سٺ کان مٿي ادبي ۽ سياسي طنزناما به لکيائين. چترو ناگپال شاعر به هو، هن نوجوان پٽ جي حادثي تي هڪ طويل نظم لکيو، جيڪو ماهوار ڪونج ڪتابي صورت ۾ شايع ڪيو.
چترو ناگپال کي وطن سنڌ ۽ خاص طور جنم شهر شڪارپور سان ڏاڍي محبت هئي. ريلوي ملازمت دوران ٻه دفعا فري پاس تي (1962ع ڌاري) لاهور کان شڪارپور ۽ ڪراچيءَ جو سفر ڪري سنڌ گهمي ويو. گ. ل. ڏوڏيچا جي سفرنامي کان متاثر ٿي کيس هڪ طويل خط ’ياد وطن‘ جي نالي سان لکيائين، جيڪو اڳتي هلي ساڳئي عنوان واري ڪتاب ۾ شايع ڪيائين. چتروءَ پنهنجي مختصر آتم ڪٿا به لکي، جيڪا سندس ڪهاڻين جي ڪتاب ۾ شامل آهي. کيس NCPSL طرفان سندس ٻن ڪتابن ’تنهنجي منهنجي آتم ڪهاڻي‘ ۽ ’ڪنڊن جو مربو‘ تي ادبي انعام به مليا. چترو ناگپال جا هيٺيان ڪتاب شايع ٿيل آهن: (1) جواني ڏينهن چار (12 ڪهاڻيون: 1967ع)، (2) روم ۾ هڪ رات (14 ڪهاڻيون: 1982ع)، (3) تنهنجي منهنجي ڪهاڻي (11 ڪهاڻيون ۽ آتم ڪٿا: 1992ع)، (4) دلبر پٽ منهنجو ’شاعري: 1996ع)، (5) يادِ وطن (خط، شاعري ۽ ڪهاڻي: 1996ع)، (6) ڪنڊن جو مُربو (سياسي ۽ ادبي طنزيه مضمون: 1998ع).
چترو ناگپال، جنوري 2007ع ۾ ناگپور (ڀارت) ۾ وفات ڪئي. سندس وفات بعد انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، آديپور، ڀڄ (ڪڇ) پاران ٽماهي رسالي ’رچنا‘ جو هڪ پرچو (جنوري- مارچ 2007ع) سندس نالي ڪيو ويو.


لفظ چترو ناگپالھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1932.02.02  عيسوي

سنڌي ٻوليءَ جو ڪهاڻيڪار، شاعر، مزاحيه اديب، چترو ناگپال، 2 فبروري 1932ع تي شڪارپور ۾ ڄائو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جوڻيجو عبدالقادر
چيتن ماڙيوالا
گوبند پنجابي
عبدالغفار گوهر دائودپوٽو
رياضت ٻرڙو
آسانند مامتورا
عباسي محمد عثمان چنيهه
پرويش شاهين
خواجه شمس الدين
شاهه محمد گاڏهي
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون